پير محمود الحسن جان سرهندي

پير محمود الحسن جان سرهندي: پير محمود الحسن جان سرهندي ولد پير محمد فريد جان 1915ع ڌاري جهرڪ، ضلعي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو. جتان سندس والد هجرت ڪري پهرين بڇيري (ضلعي نوابشاهه) ۾ ۽ پوءِ اُتي ئي پنهنجي نالي سان ڳوٺ ٻڌائي رهڻ لڳو. پير محمود الحسن سرهندي شروعاتي تعليم پنهنجي ئي ڳوٺ ۾، پنهنجي والد جي زير نگراني سندس مدرسي مان حاصل ڪئي. پير صاحب ننڍي هوندي کان ذهين هو ۽ راڄ جي ماڻهن سان بهتر وهنوار رکندو هو.
جوانيءَ ۾ خاڪسار تحريڪ ۾ شامل ٿي، نوابشاهه ضلعي جي نئشنل گارڊ جي ڪمانڊ سنڀاليائين ۽ ڏينهن رات محنت ڪري تحريڪ کي مضبوط ۽ متحرڪ ڪيائين. علامه مشرقيءَ سان تمام گهڻي ويجهڙائپ رهيس. آزاديءَ واري تحريڪ دوران مسلم ليگ جي متحرڪ ٿيڻ کان پوءِ سندس سياسي وابستگي مسلم ليگ جي اهم ليڊرن، سيٺ حاجي عبدالله هارون، خانبهادر محمد ايوب کهڙي ۽ سر غلام حسين هدايت الله سان ٿي.
50- 1949ع ڌاري تعلقي ڪوآپريٽو زرعي بئنڪ شهدادپور جو بنياد وڌائين ۽ ان جو باني چيئرمئن بڻيو. ايوب خان جي دؤر ۾ ٻه ڀيرا صوبائي اسيمبليءَ جي ٽڪيٽ تي چونڊ وڙهيو، پر ڪامياب نه ٿي سگهيو. هن 25 جون 1981ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ پير محمود الحسن جان سرهنديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1915.00.00  عيسوي

پير محمود الحسن جان سرهندي 1915ع ڌاري جهرڪ ضلعي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو


1981.06.25  عيسوي

پير محمود الحسن جان سرهندي 25 جون 1981ع ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٿرڙي سنجر ڀٽي
ڏوڏيجا پيسو مل
ايسر سنگهه بيدي
عبدالحسين جعفري
جي اي رحيم
سچيتا ڪرپلاڻي
الطاف شيخ
نواز علي سمو
جمالي حاجي محمد بخش
حڪيم مخدوم محمد مراد صديقي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون